چنڊ ڏسڻي ڪميٽي صفر مهيني جي تاريخ جو غلط اعلان ڪيو، معافي وٺي: فواد چوڌري

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي وزير فواد چنڊ ڏسڻي ڪميٽي تي زور ڀريو آهي ته اُها صفر مهيني جو چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان غلط ڄاڻ ڏيڻ تي معافي وٺي. مفتي منيب الرحمان جي سربراهيءَ ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو هو ته صفر مهينو پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، جڏهن ته سائس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت جي ويبسائيٽ تي پهرين صفر جي تاريخ 30 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته صفر مهيني لاءِ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ چنڊ جون شهادتون ڏسي سگهجن ٿيون. ملڪ ۾ هڪ اهڙو بي شعور طبقو به موجود آهي، جنهن سان ڳالهائي به نٿو سگجهي، ڇاڪاڻ ته عقل ۽ شعور رکندڙ طبقو ئي ڳالهه کي سمجهي سگهندو آهي. هُن چيو ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي صفر مهينو شروع ٿيڻ جي حوالي سان غلط ڄاڻ تي معافي وٺڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *