چترال ۾ مزدورن جي ڪيمپ مٿان برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا دٻجي فوت

چترال(م ڊ) چترال ۾ شديد برفباري جي ڪري برفاني ڇپ ڪرڻ جي ڪري ٦ مزدور دٻجي فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته اسڪردو ۾ برفباري جي ڪري طبي سهولتون نه ملڻ ڪري ۵ ماڻهو پڻ فوت ٿي ويا آهن. چترال ۾ لواري ٽنل جي ويجهو رفاني ڇپ مزدورن جي ڪيمپ مٿان ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ ۱۵ ڄڻا دٻجي ويا. صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب ڍير مان ٦ ماڻهن جا لاش ۽ ۷ ڄڻن کي جيئرو ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن ڄڻن جو پتو نه پئجي سگهيو جن جي ڳولها جاري آهي. ضلعي انتظاميا مطابق ڍير مان ڪڍيل ۷ ماڻهن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور منتقل ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته لواري ٽنل جي ويجهو جاري امدادي ڪاررواين جي لاءِ پاڪ فوج جا دستا به واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن. جوانن جي مدد سان برفاني ڇپ جي ڍير کي هٽايو ويو آهي جڏهن ته گم ٿيل ٻن ماڻهن جي ڳولها جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *