چانيا ڪٽنگ ڪيس سنڌ هائي ڪورٽ نيب کان 15 سيپٽمبر تائين اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائي ڪورٽ سرجاني ٽائون ۾ سرڪاري زمينن جي چائينا ڪٽنگ ۽ قانوني وڪرو بابت نيب کان 15 سيپٽمبر تائين اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪئي\ آهي.، چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته جيڪڏهن جوابدار جاچ ۾ تعاون نه ڪيو ضمانت رد ڪنداسين، جمعي تي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزنل بينچ سرجاني ٽائون سرڪاري زمينن جي چائينا ڪٽنگ ۽ غير قانوني وڪرو جي معاملي تي بلڊر اطهر علي، غلام حيدر، مشتاق علي ۽ ٻين جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب جوابدارن جي خلاف جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. نيب موجب جوابدارن سرڪاري پلاٽن تي چائينا ڪٽنگ ڪري انهن کي وڪرو ڪيو، جوابدارن رڪارڊ ۾ جعلي انٽريز ڪرائي پلاٽن کي خريد ۽ وڪرو ڪيو، جوابدارن خلا جعلسازي ۽ڪرپشن جون شآهديون موجود آهن، چيف جسٽس پڇيو ته انڪوائري رفرنس ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جاچ ۾ تعاون نه ڪري رهيا آهن جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار نيب سان جاچ ۾ تعاون نه ڪندا ضمانت رد ڪنداسين عدالت 15 سيپٽمبر تائين نيب کان اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *