لاڙڪاڻو: :پ پ شھيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آھي ته 40 سالن کان عوام تڪليفون ڀوڳيون پر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نه وساريو آھي، منهنجو صبر اوهان جي صبر جي مقابلي ۾ ڪجھ به نه آھي، 40 سالن جي عرصي ۾ 4 ڀٽوز کي شھيد ڪيو ويو ۽ اهي سڀ انهن جي هٿان قتل ٿيا، جن تي هنن اعتماد ڪيو.قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ضياء جي هٿان، شاهنواز ڀٽو پنهنجي زال هٿان، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان ڀيڻ دوکو ڪيو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس مڙس سازش ذريعي شھيد ڪرايو. جاگيرداري ۽ سامراجيت جو اتحاد تڪليف ڏيندڙ اتحاد آھي ۽ سڀني کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته صنم ڀٽو کان پڇيو وڃي ته هوءَ پنهنجي خون خلاف ڇو ٿي وئي آھي. ڇا اهو خوف، لالچ يا ٻيو ڪجھ آھي. ڀٽوز جي خلاف دوکو اهو دوکو آھي، جيڪو هڪٻئي خلاف ڪندو آھي.اوهان لالچ کي ختم ڪريو ته زرداري پاڻ ئي ختم ٿي ويندو ۽ دوکو ختم ڪندئو ته ڀٽو جي اٿندا. خارجا پاليسي سان شھيد ڀٽو پاڪستان کي آزاد ۽ عزتدار ملڪ بڻايو ۽ ھن رياست کي جديد رياست ڪري ڏيکايو. شھيد ڀٽو کي سياست جي سائنس ۽ فن هو ۽ ھو سياسي سائنسدان ۽ عوامي آرٽسٽ ھو.مان هن ملڪ جي قوت عوام کان پڇڻ چاهيان ٿي ته اوهان کي ڪهڙو پاڪستان کپي؟. اسان کي ڪنهن ڊڪٽيٽر، آمر، جابر جو پاڪستان نه کپي، اسان کي شھيد ڀٽو جو پاڪستان کپي. جلسي کي خطاب ڪندي غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان ڪشمير کي آزاد ڪرائينداسين. ايوب خان ڀارت کي پاڻي ڏئي ثابت ڪيو ته ڊڪٽيٽر ملڪ جو سودو ڪندا آھن. ضياء ۽ مشرف پاڪستان کي شديد نقصان پهچايو. شھيد ڀٽو جا جيالا ڪارڪن منهنجي جان ۽ ٻچا آھن. مان انهن جي عاشق آھيان.01