ڪراچي( اسٽاف رپورٽر اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي مفاد خاطر ملڪي معيشت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ اظافو عوام سان ظلم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي وزيرن پاران سنڌ حڪومت خلاف مستقل پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي خوشامدي ٽولوپنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ ڪريل ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي پيپلز پارٽي کي چار ڏهاڪن کان انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر اسان هميشه جمهوري روايتن جي پاسداري ڪئي آهي. پيپلزپارٽي هميشه ڪوڙن ڪيسن جو مڙسي سان مقابلو ڪيو آهي. آصف زرداري کي 11 سال جيل ۾ بند رکي ڪجهه نه مليو مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اسد عمر ۽ وزيراعظم عوام کي معاشي ترقي جا سبز باغ ڏيکاري رهيا آهن.هن نام نهاد احتساب تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نيب جي لاڏلن چپ سبي ڇڏيا آهن انصاف جي ٻٽي معيار احتسابي عمل کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي نيب ملازمن جي وڌندڙ تعداد ملڪي معيشيت تي وزن ٿي وئي آهي صوبائي صلاحڪار چيو ته ڪاروان ڀٽو جي ڪاميابي ۽ بلاول ڀٽو سان عوام جي دلي محبت سان سليڪٽيڊ اڳواڻ سخت خوفزده آهن ان لاءِ هو پيپلزپارٽي تي ڪوڙي تنقيد ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا هن چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وفاقي وزير ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ الزام تراشين ۾ مصروف آهن ۽ انهن کي عوام جي مسئلن جي ڪا سمجهه ناهي صوبائي وزير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت کي مختلف سازشن تحت غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي پر اهي ڪوشسون ڪامياب ٿينديون ڇو ته اسان کي عوام چونڊيو آهي