اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستان جي سڃاڻپ جو لازمي جز آهي، ڪشميرين کي ڪشمير مسئلي جي آخري نبيري جو حصو هجڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ڪشمير بابت سيمينار کي خطاب ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي نبيري بابت سيمينار وقت تي منعقد ڪيو ويو. گڏيل قومن ۷۰ سال اڳ ڪشميرين سان آزادي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ڪشميرين جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق ملڻ گهرجي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڙيسرين سان دوستاڻه لاڳاپا چاهيون ٿا، پر ڪشمير مسئلي جي نبيري بنا علائقي ۾ بهتري ممڪن ناهي. سيمينار کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جدوجهد آزادي کي گولين سان دٻائي سگهجي ها ته اڌ دنيا اڃا تائين غلام هجي ها، برهان واني جي شهادت نوجوانن ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو.