ڄام ڪمال کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ تي بي اي پي ۾ ڏڦيڙ

ڪوئيٽا (م ڊ) تازو چونڊن ۾ بلوچستان ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ اڳوڻي حڪمران پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي جي ڄام ڪمال کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن. بي اي پي ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير جان محمد جمالي ۽ عبدالقدوس بزنجو طرفان ڄام ڪمال جي نامزدگي جي مخالفت ڪئي وئي. ان حوالي سان جڏهن قدوس بزنجي کان سوال ڪيو ويو ته هن چيو اسان بي اي پي ڪوئيٽا ۾ فيصلا ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي بني گالا ۾ نه پر هن ان معاملي تي سڌي سنئين راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ان ڏس ۾ جان محمد جمالي ۽ اڳوڻي گورنر ذوالفقار مگسي جي ڀاءُ طارق مگسي متبادل آپشن تي غور لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر خان مينگل سان ڳجهي ملاقات به ڪئي پر ڪو باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو. هوڏانهن بي اين پي مينگل ۽ متحدا مجلس عمل جي ميمبرن به ڪوئيٽا ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بي اي پي کي اڪثريت حاصل ٿيڻ کانپوءِ حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان موجود متبادل آپشنز تي غور ڪيو ويو. ان حوالي سان بي اين پي مينگل جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل ايم پي اي ثنا بلوچ جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسان ايم ايم اي ٻين پارٽين سان گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهڻ چاهيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *