ڀڄڻ وارا ناهيون، مخالف ڌر کي جهڪائڻ لاءِ جيڪڏهن نيب کي استعمال ڪرڻو آهي ته تيار آهيون: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب کان ڀڄڻ وارا ناهيون جيڪڏهن مخالف ڌر کي جهڪائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪرڻو آهي ته ان لاءِ تيار آهيون اڄ ميڊيا ٽرائل ٿي ويو ته سڀاڻي انصاف ڪٿي ملندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، اسپيڪر اسيمبلي احتساب کان نه انتقام کان پارليامينٽ ميمبرن کي بچائي ملڪ وزيرن کي فيل ڪري ڇڏيو پر وزيراعظم کين پاس ڪري ڇڏيو وزيراعظم عمران خان جو هيليڪاپٽر ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي مخالف ڌر اڳواڻ کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ته قائد ايوان کي به ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ۽ بچاءَ واري وزير جي خلاف ڪيس هلي رهيو آهي ته کيس به گرفتار ڪري جهانگير ترين بابت عدالتي حڪم آيو، اهو به آزاد گهمي رهيو آهي جيڪو معيار سعد رفيق، شهباز شريف، نواز شريف لاءِ رکيل آهي جيڪڏهن حڪومت تي لاڳو ٿيو ته 70 سيڪڙو ڪابينا ميمبر اندر نه ٿيا ته ذميوار مان آهيان. خواجا سعد رفيق پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن نيب جو ڪارو قانون آهي انساني حقن ۽ اسلامي تعليم جي خلاف آهي. اسان جي خلاف جيڪو ڪجهه ڪرڻو آحي ڀلي ڪيو پر ملڪ کي اهڙا قانون نه ڏيو جيڪي ڪارا قانون هجن اربع تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب اسان کان شروع ڪيو ان جا مخالف ناهيون پر مخالف ڌر کي دٻائڻ جو طريقو جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي حق ۾ ناهي اڄ نيب مخالف ڌر جي ميمبرن تي الزام مڙهي ٿو جنهن مان  لڳي ٿو ته اهي سچ پچ ۾ ڏوهاري آهن اڄ ميڊيا ٽرائل ٿي ويو ته سڀاڻي انصاف ڪٿان ملندو. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ تائين ڪيس نه ٺهي سگهيو، اسان احتساب کان نه ٿا گهٻرايون پر انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، شاهد خاقان عباسي چيو ته حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ آهي جنهن جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي پر ايف آءِ اي ايئرپورٽ تي کيس روڪي ورتو جڏهن ته زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ آهي پر وزيراعظم پنهنجي جهاز ۾ ويهاري کيس عمري تي وٺي وڃي ٿو ۽ ڪو به پڇڻ وارو ناهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو هيليڪاپٽر ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي اپوزيشن ليڊر کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ته قائد ايوان کي به ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي جو احتساب بيورو ٺهيو هو کربين رپينج و خرچ ٿيو ڪو ئي پڇڻ وارو ناهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب جي چيئرمين جي اڳئين ڪارڪردگي ڏسي ان جي مقرري ڪئي، جيڪڏهن احتساب چاهيو ٿا ته مون کان شروع ڪيو ۽ هر ميمبر ٻڌائي جڏهن سياست ۾ آيو هو ته ان وٽ ڇا ڇا هو ۽ اڄ ڇا آهي. هن هائوس کان احتساب شڙوع ڪيو وڃي ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته هن هائوس جا ميمبر ڪيتري ٽيڪس ڏين ٿا ادارا اوهان وٽ آهن ۽ رڪارڊ اوهان وٽ آهي معلوم ڪريو، ڪهڙي ڪرپشن ٿي آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪهڙي ڪرپشن اسان جي حڪومت ۾ ٿي، شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب اڄ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو احتساب ناهي ملڪ جي تباهي جو رستو آهي اڄ بيورو ڪريٽ ڪم نه ٿا ڪن، اڳوڻو چيئرمين اوگرا توقير صادق تي ساڍا چار سئو ارب جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ست سال گذري ويا پر ڪجهه به ناهي ٿيو هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران واضح پابندي باوجود نيب جي چيئرمين ۽ ٻيا عملدار مخالف ڌر جي اڳواڻ جا نالا وٺي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا شفاف ٽرائل جي حوالي سان آئين جو آرٽيڪل 10 به پڙهي وٺو جيڪڏهن مخالف ڌر جو احتساب ٿي رهيو آهي ته حڪومتي اڳواڻن ۽ انهن جي عزيزن سان به رعايت نه ٿيڻ گهرجي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان پروٽيڪشن نه پر انصاف جا گهرجائو آهيون هن اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جنهن کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پاران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان ڪن ٿا اسان ان جي مقرري ان جو رڪارڊ ڏسي ڪئي آهي اسان ان بابت نه پيا ڳالهيون اسان هن ايوان جي ميمبرن جي تذليل جي ڳالهه ڪئي آهي اسان احتساب جي خلاف ناهيون هن چيو ته سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته هتي چور ڪير آهي ۽ ڪير ناهي، اهو ٻڌايو ته ايوان جو ڪهڙو ڪهڙو ميمبر ڪيترو ٽيڪس ڏئي ٿو شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪو ئي آفيسر ڪم نه ٿو ڪرڻ چاهي اهو چوي ٿو ته سڀاڻي انهن کي نيب کان ڪير بچائيندو مان ڪنهن جي خلاف ناهي ڳالهايو پارليامينٽ جي حق ۾ ڳالهه ڪئي آحي جيڪڏهن مون کي جيل موڪلڻ سان ملڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ته مان تيار آهيان اسان کي ڪو به اعتراض ناهي هن چيو ته شفقت محمود جيڪي انگ اکر ٻڌايا آهن اهي صحيح نه آهن هن معاملي تي بحث ڪريو اسان حاضر آهيون سمورا انگ اکر قوم آڏو رکنداسين، نيب ڪارو قانون آهي انساني حقن ۽ اسلامي تعليم جي خلاف آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *