ڀٽي پنهنجي زندگي ۾ عوام جي زندگيءَ تي ڪا به سودي بازي نه ڪئي؛غنويٰ ڀٽو

نئون ديرو(رپورٽ عبدالله ميراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 وهين ورسيءَ جي موقعي تي پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جو پارٽي ڪارڪنن کي خطاب، ان دوران چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڀٽو عظيم ليڊر هو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪئي ڀٽي پنهنجي زندگي ۾ عوام جي زندگيءَ تي ڪا به سودي بازي نه ڪئي تنهن ڪري هو ملڪ سميت پوري دنيا ۾ عظيم ليڊر تصور ڪيو ويندو آهي اڄ مان هن پينڊال ۾ تارا مسيح جي جرت منديءَ کي سلام پيش ڪيان ٿي جنهن ان عظيم حصتيءَ کي ڦاسيءَ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سوشلزم کان بغير ڊيموڪريسي ناهي ٿيندي ڊيموڪريسيءَ جي نالي تي ٻارن جي پويان لڪڻ کي اصل ڊيموڪريسي ناهي چئي ويندي اگر هن ملڪ ۾ ڊيموڪريسي هجي ها ته نقيب الله يا مثال خان جهڙا شهري بيگناه قتل نه ڪيا وڃن ها اگر اصل ڊيموڪريسي هجي ها ته رائو انور جهڙا قاتل اڄ کلي عام قتل نه ڪن ها اگر اصل ڊيموڪريسي هجي ها ته هن ملڪ جو هر ماڻهون محفوظ زندگي گذاري ها اصل ڊيموڪريسي هجي ها ته عام ماڻهون انصاف لاءِ در در ڀٽڪندو نه وتي ها ملڪ ۾ اصل ڊيموڪريسي جا نعرا هڻندڙ پاڻ ملن ۽ شگر ملن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن پر انهن کي مزدور ۽ ڪسانن تي ڪو به احساس نه آهي جلسي کي خطاب ڪندي غنويٰ ڀٽو چيو ته اين ايف سيءَ جو تحفو ايوب جي زماني ۾ برطانيان کان مليل آهي ملڪ جي عوام جي مسعقبل لاءِ ضروري آهي ته اسان کي بلوچستان جي پٺاڻن ۽ بلوچن کي سپورٽ ڪرڻ گھرجي اسان کي پڪو ارادو ڪرڻو آهي ته اسان نفرت کي مٽائي محبت ۽ يڪجھتيءَ لاءَ اڳتي وڌي سڀني کي ساڻ کڻي هلجي ڀٽو صاحب پنهنجي دور ۾ عوام کي انصاف متعارف ڪرايو مگر ظالمن اسان کان ۽ عوام کان عظيم ليڊر جدا ڪري ڇڏيو،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *