ڪراچي( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي فيصلي تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته ڀٽو خاندان لاءِ ڪو به انصاف ناهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته فيصلي مان لڳي ٿو ته ڀٽو خاندان لاءِ پاڪستان ۾ ڪو به انصاف ناهي.