ڀوجا ايئر لائن حادثي جي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ پوليس کي 6 هفتن جي مهلت

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ڀوجا ايئر لائن حادثي جي جاچ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پوليس کي 6 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ ايئر بليو ۽ ڀوجا ايئر لائن جي متاثرن جي معاوضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايئر بليو متاثرن کي معاوض ادا ڪري ڇڏيو آهي، جن وارثن معاوضو ناهي ورتو انهن جو معاوضو الڳ اڪائونٽ ۾ پيل آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايتري عرصي کان رقم اڪائونٽ ۾ پيل آهي ان ڪو مارڪ اپ ڪير ڏيندو، وارثن معاوضي جي حوالي سان ڪهڙي نوعيت جي مقدميبازي ڪري رکي آهي. چف جسٽس  حڪم جاري ڪيو ته مقدمي بازي ۾ ويل وارثن جي رقم ايئر بليو ڪمپني ايڊيشنل رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته وارثن جا ڪيس سول عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته معاوضي جي رقم جي باجود وارثن جي سول ڪيسن جو ڪو به اثر نه پوندو. ايئر بليو جي وڪيل چيو ته 136 مارجي ويلن جي وارثن معاوضو جي رقم وٺي  ڇڏي آهي، 8 ماڻهو معاوضي جي رقم تي عدالتن ۾ هليا ويا جنهن تي عدالت 8 متاثرن جي معاوضي جا چيڪ رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڪيل چيو ته پاڪستان ۾ سول ملٽري جهاز حادثن جا شڪار ٿيا ڪنهن جي ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هڪ نئون آغاز ٿيو اهي ته ڪهڙو حرج آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته سول عدالت ايئر بليو حادثي جي وارثن جي معاوضي بابت ڪيسن جو 3 مهينن ۾ فيصلو ڪندي جڏهن ته عدالت پراگرس رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ايئر بليو ڪمپني کي 50 هزر رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو جڏهن ته پوليس کي 6 هفتن ۾ ڀوجا ايئر لائن حادثي جي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چالان داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *