ڀوتارن ۽ ڏوهارين آڏو قانون آخر ڪيستائين بي وس بڻيل هوندو؟
December 12, 2024 at 11:46 pmانساني حقن جي 10 ڊسمبر تي ملهايل عالمي ڏينهن جون تقريبون اڃان هلي رهيون آهن. اهڙي هڪ تقريب ٽيون ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پڻ ٿي جنهن ۾ انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن چيو آهي ته وڏيرن، سردارن ۽ ڏاڍن آڏو قانون مڪمل طور تي بي وس نظر اچي رهيو آهي، قانون ڪتابن ۾ ته موجود آهي پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي، ڪيترن قتلن ۾ ملوث قاتل قانون جي پڪڙ کان آجا آهن.
اها واقعي به المياتي حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ اندر آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي جو تصور ڪنهن آدرشي خواب کان گهٽ ناهي.باوجود ان جي ته اسان جي ملڪ اندر آئين به آهي ته قانون ۽ عدالتون به آهن پر اهي سڀ ڪتابن ۾ آهي، عملي شڪل ۾ ناهي. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ بظاهر ته بيڊ گورننس، حڪومتي ۽ انتظامي ناڪامي آهي پر حقيقي ڪارڻ غير جمهوري ۽ آمراڻو نظام آهي جيڪو اڻ اعلانيل لاڳو ٿيل آهي. هڪ لحاظ کان اها ملڪ هلائڻ جي رياستي پاليسي پڻ آهي، جنهن جو روح نظريهءَ ضرورت تحت ملڪي معاملا هلائڻ آهي.
ملڪي تاريخ پڙهبي يا ان جو جائزو وٺبو ته چٽي طرح معلوم ٿيندو ته هن ملڪ اندر هر شئي آئين، ۽ قانون کان مٿاهون رهي آهي. بس نالي ماتر ۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هن ملڪ کي جمهوري ۽ پارلياماني لباس پارايو ويو آهي جڏهن ته پنهنجي جوهر ۾ هي ملڪ مڪمل طور تي غير جمهوري ۽ غير پارلياماني آهي. اهو ئي بنيادي ڪارڻ آهي ته هتي لاقانونيت حاوي آهي ڇاڪاڻ ته اها لاقانونيت ئي غير جمهوري ۽ آمراڻين طاقت جي راڄ کي هٿي ڏئي ٿي. غير قانوني ۽ غير جمهوري نظام جي بالادستي لاءِ ئي هتي وڏيرن، جاگيردارن، هرقسم جي ڏاڍن ۽ مافيائن کي پروان چاڙهيو ويو آهي جيئن اهي آئين، قانون ۽ انصاف جوج ڌڄيون اڏائين ۽ انساني حقن جي عملدارن ، انساني حقن، آزادي ۽ جمهوريت جو آواز اٿاريندڙن کي نيست ۽ نابود ڪندا رهن ۽ عوام جو سڄو ڌيان بدامني، لاقانونيت ۽ پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ تي لڳل هجي.
تنهن ڪري هتي هر قسم جي بخشش ڏوهارين قاتلن ۽ دهشت گردن کي مليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جو ايف آءِ آر وارو سرشتو ئي نٻل بڻيل آهي يا ڄاڻي واڻي بڻايو ويو آهي. جڏهن ته قانون ۾ عام ماڻهن کي ڏوهارين ۽ سندن وارداتن جي فرياد يعني ايف آءِ آر داخل يا لکرائڻ کانپوءِ پوليس ۽ عدالتن جو ڪم هوندو آهي ته اهي عوام جي ڏوهارين خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جي ترت پوئيواري ڪن ۽ جوابدارن کي سوگهو ڪري کين قانون مطابق سزا ڏين پر هتي جو نظام اهڙو آهي جنهن ۾ ڏوهارين دهشت گردن ۽ قاتلن کي رعايتون ۽ بخششون ملي وڃن ٿيون. ڏوهاري پيسن جي ضمانت تي آزاد ڪيا ويندا آهن. تنهن ڪري هاڻي پيشه ور ڏوهارين، قاتلن ۽ دهشت گردن کي دلجاءِ هوندي آهي ته اهي ڪهڙي به واردات ڪن کين بچائڻ وارا وڏا هٿ موجود آهن. سو جيستائين ڏوهارين، دهشت گردن ۽ قاتلن کي ترت ۽ سخت سزائون نه ملنديون ۽ ڏوهارين جي سهولت ڪارن کي سوگهو نه ڪيو ويندو تيستائين ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ناهي. ۽ ان صورت ۾ قانون ڀوتارن ۽ ڏوهارين جي آڏو بي وس ۽ ڪمزور ئي رهندو جڏهن ته هر قسم جي لاقانونيت جو خاتمو آئين ۽ قانون جي بالاستي ۾ آهي جنهن جو موجوده ملڪي نظام تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي.
هاڻي وري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪيستائين هي نظام ڀوتارن، ڏوهارين، مافيائن ۽ غير جمهوري طاقتن جي بالادستي هيٺ رهندو. اهو سوال اصولي طور تي سوال هئڻ ئي نه گهرجي جو ان جو جواب آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي ته پارليامينٽ ئي ملڪ جو فيصلائتو ۽ سپريم ادارو آهي پر حيرت آهي ته ان باوجود پاڻ کي آئين، قانون ۽ پارلياماني نظام جي بقا جي جدوجهد ڪرڻي پئجي رهي آهي پر ان کان به وڏو الميو اهو آهي ته جيڪي عوام جا چونڊيل اميدوار، پارليامينٽ اندر موجود آهن تن کي وري آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جو ڪو اونو ناهي. انهن کي بس پنهنجي مفادن سان ڪم آهي ۽ بس. اهي الميا رڳو ان حد تائين محدود ناهن پر اهو به الميو آهي ته هاڻي حڪومتي ايوانن ۾ اچن ئي وڏيرا، جاگيردار ۽ سرمائيدار ٿا ۽ اهي پنهنجي وڏيرائپ جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي نظام کي وڌيڪ قانوني شڪل ڏئي ڇڏين ٿا. افسوس ته سياسي جماعتون عوام جي هڏ ڏوکي کي نمائندن بدران وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي چونڊن ۾ ٽڪيٽون ڏئي کين ايوانن ۾ موڪلين ٿيون. ان حساب سان ڏسجي ته سياسي جماعتون به وڏيرن، جاگيردارن ۽ مافيائن کي اقتداري ايوانن ۾ آڻي کين بي تاج بادشاهه بڻائڻ جون ذميوار آهن.
اها به المياتي صورت حال آهي ته پهريون طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهو ويندو هو پر هاڻي طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ، ان جي سهولت ڪار وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن، مافيائن ۽ ڏوهارين کي بڻايو ويو آهي جنهن آڏو ظاهر آهي ته آئين ۽ قانون هيڻو ۽ بي وس آهي. اهو ڏسي به حيرت ٿيندي آهي ته ٽيڪنالاجي طور ترقي ڪندڙ سنڌي سماج اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ئي وڃي رهيو آهي جنهن جو مثال وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڏوهارين آڏو عوام ته ڇا آئين، قانون ۽ انصاف ئي بي وس ۽ ڳيجهو بڻجي ويو آهي جنهن تي انساني حقن جا علمبردار پڻ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن.