ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، عالمي تنظيمون نوٽيس وٺن:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.ڀارتي شهر بينگلور ۾ تڪراري فيس بُڪ پوسٽ کانپوءِ مسلمانن سان پيش آيل واقعي تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهين رسالت جي ان واقعي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا، ڀارت ۾ اڄ مسلمان محفوظ ناهن، مسجد کي شهيد ڪري مندر ٺاهڻ قطعي طور درست ناهي.هن چيو ته جذبا به مسلمانن جا مجروح ٿيا، گرفتاريون ۽ شهادتون به انهن جون ٿيون، هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سيڪيولر اسٽيٽ کي ته ڀارت جي هن حڪومت دفن ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اڄ هڪ هندو اسٽيٽ جنم وٺي رهي آهي، اهو اندروني مسئلو ناهي، انسانيت جو مسئلو آ، پاڪستان کي حق حاصل آهي ته ان معاملي کي اٿاري.شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪالهه ڀارتي هاءِ ڪميشن اختيارين سان اهو معاملو اٿاريو ۽ پاڪستان جو ردعمل ڏنو، اسان هر عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي مسئلي کي اٿاري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *