ڀارت ۾ جرئت آهي ته بين الاقوامي ميڊيا کي ڪشمير وڃڻ ڏي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير شاهه محمود قريسي چيو اهي ته ڀارت ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته بين الاقوامي ميڊيا کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏي ڪشميري سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن مودي ڪهڙي منهن سان هوسٽن ۾ جلسا ڪرڻ وڃي رهيو آهي هڪ انٽرويو ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي حڪومت ۾ جرئت آهي ته غلام نبي آزاد سان بين الاقوامي ميڊيا کي به والاريل ڪسمير ۾ وڃڻ جي اجازت ڏي شاهه محمود قريشي مودي سرڪار جي نڪ جي پڪائي تي سوال اٿاريندي چيو ته ڪشميري سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن مودي ڪهڙو ڪنڌ کڻي هوسٽن ۾ جلسا ڪرڻ وڃي رهيوآهي هن چيو ته بين الاقوامي ميڊيا ڀارتي موقف کي رد ڪري رهيو آهي اڄ اڱاري تي يورپين پارليمينٽ ۾ ڪشمير تي بحث ٿيندو عمران خان جي نيويارڪ پهچڻ کان اڳ ئي ڀارت بي نقاب ٿي چڪو هوندو.ڪشميري عوام مٿان ڀارتي فوج جو ظلم جاري آهي، مودي سرڪار انسانيت جي قتل جي نئين تاريخ لکي آهي.ڪشميري عوام کي گهرن ۾ قيد ڪرڻ انساني حقن جي کليل پائمالي آهي، سڄي دنيا کي ڪشمير لاءِ آواز اٿارن گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *