ڀارت ۽ افغانستان احسان الله احسان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي / ڪابل ( م ڊ) ڀارت ۽ افغانستان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته نئين دهلي ۽ ڪابل جي اسلام آباد خلاف جنگ لاءِ طالبان کي فنڊنگ بابت ڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي ناهي. ڀارتي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته طالبان ترجمان طرفان نئين دهلي جي اسلام آباد خلف جنگ لاءِ طالبان کي فنڊنگ بابت هنيل الزام غلط آهن. فرانسيسي خابرو اداري رائٽرز موجب هڪ سينئر افغان سڪيورٽي عهديدار پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *