جده ( م ڊ ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، وزيراعظم پنهنجي پهرين تقرير ۾ ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. تفصيل موجب پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جده ۾ آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪو آپريشن ( او آءِ سي ) ڪمشير رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ دنيا ۾ اختلاف ڳالهين ذريعي حل ٿي رهيا آهن، ويڙهه ۽ جنگي جنون ڪڏهن به مسئلن جو حل نٿا ٿي سگهن. پرڏيهي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ڀارت نه او آءِ سي ۽ نه ئي وري انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم پهرين تقرير ۾ ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. هن چيو ته ڀارت هر ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جو خون وهائي رهيو آهي، ڀارت پاڪستان خلاف پنهنجي عوام جي نفرت کي هوا ڏئي رهيو آهي. ڀارت جنگ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ان اڳرائي پڻ ڪئي آهي. تمهينه جنجوعا جو چوڻ هو ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ ۽ گڏيل قومون ڀارتي اڳرائي جو نوٽيس وٺن، دنيا ڀارت جي جنگي جنون پکيڙڻ جو سخت نوٽيس وٺي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان فوج مضبوط آهي ڪڏهن به جنگ کي مسئلن جو حل ناهي سمجهو. هميشه خواهش رهي آهي ته ڀارت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪري.