اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت کي اڳواٽ ئي منع نامي بابت ٻڌايو ويو هو، مون به ڀارتي ٽي وي چئنلز تي فيصلو پهرين ئي ٻڌي ورتو هيو، عالمي عدالت انصاف جي دائره اختيار بابت پاڪستان ڊڪليئريشن جمع ڪرائي چڪو آهي، هن چيو ته عالمي عدالت انصاف ماضي ۾ 3 ڀيرو اهڙو فيصلو ڏنو، ڀارت جو چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪنداسين، هن چيو ته ڀارت ڪلڀوشن جي سهولتڪارن تائين رسائي فراهم ڪري، نفيس ذڪريا چيو ته ڊڪليئريشن تحت قومي سلامتي معاملي تي عالمي عدالت انصاف جو دائره اختيار تسليم نٿا ڪريون، ڀارت پاڪستان کي ڪوئي مثبت جواب ناهي ڏنو، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2008 جو قونصلر رسائي معاهدو موجود آهي، معاهدي جي آرٽيڪل 6 تحت رسائي جو فيصلو ميرٽ آف دي ڪيس تي ٿيندو آهي، ڀارت کان ڪلڀوشن ياديو جي ساٿين تائين رسائي گهري آهي.