ڀارت ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مشعال ملڪ

سري نگر (م ڊ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 35 اي ختم ڪري هندن کي ڪشمير منتقل ڪرڻ گهري ٿو. پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 35 اي کي ختم ڪري هندن کي ڪشمير منتقل ڪرڻ چاهي ٿي. هن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *