اسلام آباد( بيورو ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو پاڪستاني فوجي طاقت بابت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جو داستان لکيو آهي، ۽ مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ هفتي ۾ 9 بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ 12 ماڻهو ڇرن واري بندوق جو نشانو بڻيا، سيد علي گيلاني جي اپيل تي ڪشميري سڀاڻي احتجاج جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پاڪستان ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشميري نوجوانن کي ظلم ۽ تشدد ذريعي هيسائڻ چاهي ٿو پر ڪشميري ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي خود اراديت جي جدوجهد تان هٿ نه کڻندا، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي گهرجي ته ڪشمير جي صورتحال جو نوٽِيس وٺن. نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت ڪشمير کانسواءِ خطي جي امن کي به نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ لائن آف ڪنٽرول جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي سبب خطرو آهي، تنهن ڪري بارڊر مئنيجمينٽ نهايت ضروري آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي خرابي جو سبب بڻجندڙ عنصرن کي روڪڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته قطري وفد جي پاڪستان جي دوري بابت کين ڪابه ڄاڻ ناهي پر پاڪستان جي ڪوشش آهي ته موجوده صورتحال جو بهتر حل نڪري اچي، اسان کي مسلمان ملڪن جي اتحاد تي يقين آهي.