وزيراعظم سان عالمي بئنڪ جي سربراهه مس ڪرسٽلينا جاجيوا جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان عالمي بئنڪ جي سربراهه مس ڪرسٽلينا جاجيوا وفد سميت ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم مس ڪرسٽلينا کي ورلڊ بئنڪ گروپ جي سي اي او طور مقرر ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ورلد بئنڪ سان ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي، ورلڊ بئنڪ 1952ع کان هيل تائين پاڪستان ۾ 31 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، عالمي بئنڪ توانائي، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ شيرپڪاري ڪئي، ڊيولپمينٽ پاليسي ڪريڊيٽ جي لاءِ ورلڊ بئنڪ 2.5 ارب ڊالرن جي ادائي به قدر لائق آهي، ڀاشا ڊيم قومي اهميت وارو منصوبو آهي، ڀاشا ڊيم سان پاڻي محفوظ ٿيندو ۽ سستي بجلي پيدا ٿيندي، ان موقعي تي وزيراعظم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي وارو معاملو به اٿاريو، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته ڀارت جي اولاهن دريائن تي ڊيم جي اڏاوت سنڌ طاس معاهدي جي کُلي ڀڃڪڙي آهي‏، پاڪستان مختلف شعبن ۾ اصلاح جاري رکندو. توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هائيڊل منصوبن کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *