اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي طلب کي ڀارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي نريندر مودي کي خبردار ڪيو ته ڀارتي اليڪشن ۾ پاڪستان کي نه گهليو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت گذريل رات پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو ۽ ڪشميري حريت اڳواڻ مير واعظم عمر فاروق سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي فون تي رابطي تي اعتراض ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي طلبي جي جواب ۾ اڄ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي به پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا مٿس واضح ڪيو آهي ته پاڪستان هر حال ۾ ڪشميرين جي مسلسل حمايت جاري رکندو ڀارت طرفان مير واعظم کي دهشتگرد چوڻ مذمت جوڳو عمل آهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪرڻ ڀارتي اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي چونڊ پنهنجي ملڪ ۾ وڙهي، پاڪستان کي ان ۾ نه گهلي، ڪرتارپور تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي پر ڀارت جو طرز عمل ٻاراڻو آهي. هن چيو ته سرحدي شهر ظفر وال کان سرحد پار ڪري ڀارت ويندڙ ٻارڙي جي معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڀارت سان ان حوالي سان رابطو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ملا عبدالغني برادر قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ طالبان جي مرڪزي آفيس جو سربراهه ٿيو آهي، طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ معاملا سندن پنهنجا آهن، اميد آهي ته اهي گڏجي پنهنجا مسئلا حل ڪري وٺندا، افغان مفاهمتي عمل بابت محتاط ٿيڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته افغان سرحد تي داعش جي وڌندڙ سرگرمين تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد جو دورو نهايت اهم آهي، جلد ان جا تفصيل جاري ڪنداسين، آسيه پاڪستان ۾ آهي، جيڪڏهن پرڏيهه وڃڻ چاهي ته وڃي سگهي ٿي، ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو لاڳو ڪيو ويندو، روحي بانو جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، انقره ۾ روحي بانو جي ميت واپس آڻڻ لاءِ پاڪستاني سفارتخانو ساڻن رابطي ۾ آهي.