اسلام آباد/ابو ظهبي(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ابو ظهبي ۾ اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي.پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال ۽ افغان امن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پرڏيهي شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات هميشه خوش گوار رهندي آهي، ان سان محتده عرب امارات ۾ موجود لکين پاڪستانين جي فلاح ۽ بهبود تي به ڳالهيون ٿيون آهن.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان کان اڳ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪئي هئي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جِي تياري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جِي به ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڊس انفو ليب ڀارت جِي سازشن کي وائکو ڪيو. ابوظهبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏڻ چاهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ حالتون سنگين صورتحال اختيار ڪري ويون آهن، ڀارت جِي سازشن کان آگاهه آهيون، ڀارت، فوجي ڪارروائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين.