ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد( م ڊ )  پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته  احسان الله احسان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن پويان را جو هٿ آهي. هن چيو ته احسان الله حسان ٻڌايو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را افغانستان ۾ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو جي جو بيان به ان حوالي سان رڪارڊ تي موجود آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مالي مدد به ڪندو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *