ڀارت پاڪستان کي سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

نئين دهلي:ۡ(بيورو) ڀارت پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جا رستا کليل رکڻ گهرجن. پاڪستان گذريل ڏينهن ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريه کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ ڀارت کي هوش اچي ويو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستان کي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت اميد ڪري ٿي ته پاڪستان سفارتي لاڳاپا ۽ ٻه طرفي واپار کي معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا معمول موجب سفارتي لاڳاپا قائم رهن. ڀارتي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان جي ان قدم سان دنيا کي پيغام ويندو ته اسان جي ٻن طرفن لاڳاپن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته پاڪستان جن سببن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو آهي ان جو زميني حقيقتن سان ڪوبه تعلق ناهي.ڀارتي پرڏيهي وزارت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري خطي جي ڳڻتي جوڳي منظر ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ويندي.ڀارت ڪشميرين جي حقن تي راتاهو هڻڻ جي فيصلي جي نرالي ترجيح پيش ڪندي چيو ته تازو کنيل قدمن جو مقصد جمون ڪشمير کي ترقي جا موقعا ڏيڻ آهي. پاڪستان کي گهرجي ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري ته جيئن سفارتي رابطا معمول موجب بحال رهن. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *