ملتان (م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا، اسان امن جي رستي تي هلڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پهريون به امن کي اوليت ڏني، هاڻي به ڏيون ٿا. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اڳرائي ڪئي ته اسان دفاع جو حق رکون ٿا، اسان پنهنجو دفاع ڪنداسين، باوقار نموني ڪنداسين، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ چين ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت گهڻا معاملا گڏيل قومن ۾ کڻي وڃڻ چاهي ٿو، چين ڪالهه به پاڪستان سان گڏ هو ۽ اڄ به پاڪستان سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته چين پاڪستان جي ضرورتن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڏيندو رهندو، چين ڏکي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، ڀارت ۾ اليڪشن تائين لاها چاڙها نظر ايندا، ڀارت پاڪستان کي هر فورم تي اڪيلو ڪرڻ چاهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول کي چوان ٿو ته توهان پنهنجي ڳڻتي لکي موڪليو، بلاول ٻڌائي پابندي مڙهيل تنظيمن بابت ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، سياسي پارٽيون پاڻ ۾ اتحاد ڪنديون رهنديون آهن، هي سندن سياسي حق آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ جيڪڏهن سياسي اتحاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سندن حق آهي، اعتزاز احسن چوي ٿو ته جڏهن به پ پ ن ليگ جي ويجهو وئي پيپلز پارٽي کي نقصان ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ جو نظرياتي ڪارڪن مسلم ليگ ن سان گڏ نه ٿو هلڻ چاهي. شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم جي اجازت سان قومي ايڪشن پلان تي زرداري ۽ شهباز شريف کي خط لکيو، آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي چيو ته قومي سلامتي لاءِ اچو ۽ ڳالهايو.