اسلام آباد ( م ڊ ) نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي به هلندڙ مهيني طلب ڪيو ويندو. نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي. نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي به هلندڙ مهيني طلب ڪيو ويندو. سمورين ڌرين کي نيب آفيس راولپنڊي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جوابدارن کي ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا. نيب جوابدارن جا لکت جواب طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب جي گڏيل جاچ ٽيم سوالنامو تيار ڪري ورتو آهي.033041