نئين دهلي: (م ڊ) ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 10 هزار اضافي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڀارتي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ 10 هزار اضافي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا پيا وڃن. پر هن اوچتي فيصلي جو ڪوبه سبب ناهي ٻڌايو ويو. هڪ محتاط اندازي موجب والاريل جمون ڪشمير ۾ هن وقت سڍا 6 لک فوجي ۽ پوليس اهلڪار مقرر آهن جيڪي پاڪستاني فوج جي تعداد کان ڪجهه وڌيڪ آهن.ڀارتي حڪومت جي اهڙي فيصلي کان پوءِ اهي افواهون هلي رهيون آهن ته اضافي اهلڪارن جي مقرري جو تعلق والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 35 اي جي رد ٿيڻ سان آهي. حريت پسند ڪشميري اڳواڻن مودي سرڪار جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪندي ان کي ڪشميري عوام جي حق، خود اراديت تي حملوقرار ڏنو هو.ٻئي طرف والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چيو آهي ته اضافي اهلڪارن جي مقرري جي فيصلي سان ڪشميرين ۾ شڪ پيدا ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪشمير هڪ سياسي مسئلو آهي جنهن جو ڪوبه فوجي حل ناهي.اڳوڻي آءِ اي ايس آفيسر ۽ والاريل ڪشمير پيپلز موومينٽ جي صدر شاهه فيصل جو چوڻ آهي ته اهڙي فيصلي کان پوءِ جمون ۾ اهي افواه هلي رهيا آهن ته والاريل وادي ۾ ڪو وڏو مسئلو ٿيڻ وارو آهي.