اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي طرفان انتهاپسنداڻن قدمن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت ۾ ڀارت هندو بالادستي جي ايجنڊا جي طرف وڃي رهيو آهي.وزيرِ اعظم عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو آهي ته هندو بالادستي جي ايجنڊا ڪشمير جي غيرقانوني قبضي ۽ گهيري کان شروع ڪيو ويو، ان بالادستي جي ايجنڊا جو نئون قدم شهريت جو تڪراري بل آهي.وزيرِ اعظم چيو ته موديءَ جي هندو بالادستي جي ايجنڊا ۾ پاڪستان کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن پر ان نتيجي ۾ خونريزي ۽ دنيا کي خطرناڪ نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.هن عالمي برادريءَ کي خبردار ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي هجومن ذريعي قتل ڪيو ٿو وڃي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي عالمي برادري هندو بالادستي واري ايجنڊا کي روڪڻ لاءِ تحرڪ وٺي.