ملتان(م ڊ): پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم (ن) ليگ جو پراڻو مطالبو آهي. هاڻ واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي؟ آرڊيننس آڻڻ جو مقصد ڪرپشن تي پردو وجهڻ يا اين آر او ڏيڻ ناهي. حڪومت جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي، ملڪ ڦريندڙن جي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي برقرار آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٻن سوچن ۾ تقسيم نظر اچي رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارتي سرڪار هندو توا کي فروغ ڏئي رهي آهي، دنيا جي سامهون ان جا ارادا بي نقاب ٿي چڪا آهن.هن چيو ته ايل او سي تي ميزائل نصب ٿي چڪا آهن، ڀارت ايل او سي تي 5 جڳهن تان واڙ کي ڪاٽيو آهي ۽ ايل او سي تي براهموس ميزائل نصب ڪيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ڀارت جي انهن قدمن جو ڪهڙو مقصد آهي؟ دنيا ڀارتي قدمن کي ڏسي رهي آهي.سعودي پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاملو او آءِ سي جي پليٽ فارم تان کڄڻ گهرجي. هن وقت دنيا جو ڪو به قابل احترام اڳواڻ ڀارتي موقف جي حمايت نٿو ڪري. ڀارتي عوام تڪراري بل رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي رياستن جي وڏن وزيرن احتجاجي ريلي جي قيادت ڪئي، ڀارتي عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي.پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته بابري مسجد جي فيصلي سان جذبات مجروح ٿيا آهن. پاڪستان ان مسئلي تي ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪئي آهي ۽ سعودي هم منصب کي چيو ته ڀارتي تڪراري بل جي خلاف آواز اٿڻ گهرجي.هن ٻڌايو ته سعودي هم منصب يقين ڏياريو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان اثرائتي آواز اٿندي، ماضي ۾ ڀارتي حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ به هاڻ ان کان جدا ٿي ويا آهن.شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته چين مطالبو ڪيو آهي ته ايل او سي تي آبزرور سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ڏينداسين ۽ اسان سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي