لاهور(م ڊ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي ڊوزيئر جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي هاڻ ڀارت لچڪ ڏيکاري ته معاملا تمام جلد حل ٿي ويندا.ڪرتارپور ڪوريڊور بابت ڀارت سان ڳالهين کان پوءِ واهگا بارڊر تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڪرتارپور راهداري تي ڳالهه ٻولهه مثبت رهي. ڪرتارپور راهداري تي 2.3 پوائنٽس رهجي ويا آهن. باقي تي اتفاق ٿي ويو آهي. وزيراعظم جي اعلان موجب ڪرتارپور راهداري نومبر ۾ کولي ڇڏينداسين. منصوبي تحت 5 هزار سک ياتري پاڪستان اچي سگهندا پر جيڪڏهن ان کان وڌيڪ ياتري به اچڻ چاهين ته اسان تيار آهيون. ڀارت کي حتمي ڳالهيون جلد ڪرڻ جو چيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت پاران ڊوزيئر ڏنو ويو هو جنهن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. پر ان جا تفصيل في الحال نٿا ٻڌائي سگهجن. پاڪستان وڏو ۽ مثبت قدم کنيو آهي. ڀارت لچڪ ڏيکاري ته معاملا حل ٿي ويندا.