ڀارت سرحدن تي اسان جي فوجين کي شهيد ڪري رهيو آهي ۽ اسان گهر گهرائي سڄڻ جندال سان ملاقات ڪري رهيا آهيون: سيد خورشيد شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ڀارت سرحدن تي اسان جي فوجين کي شهيد ڪري رهيو آهي ۽ گهر گهرائي سڄڻ جندال سان ملاقات ڪري رهيا آهيون ڪلبوشن يادو تي ڪو ٻيو فيصلو وزيراعظم نوازشريف جي وس جي ڳالهه نه آهي نوازشريف ڪلبوشن جي ڦاهي ۾ دير ڪرائي سگهي ٿو پر ٽاري نٿو سگهي حڪومت سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪي سياسي پارٽين کي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻو پوندو. حڪمرانن غلط بياني سان دوکو ڏنو انهن کي وڌيڪ حڪمراني جو حق نه آهي گورنر سنڌ شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار نه بڻجي ان کي سياسي ڳالهيون ڪرڻ سٺو نٿيون لڳن محمد زبير کي سياست ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته هو گورنر جي عهدي تان استعيفا ڏي نوازشريف هن وقت هاٽ واٽر ۾ آهي ڊان ليڪس تي ري ايڪشن ڪاري ايڪشن ڏٺو آهي وفاقي وزير پنهنجي ايجنسين کي غلط چيو ڊان ليڪس جو تعلق گهرو وزارت سان هو ته ٽوئٽ کي خطرناڪ چئي ڇڏيو جيڪڏهن گهرو وزير سنڌ جو هجي ها ته هن وقت تائين ان کي غدار قرار ڏنو وڃي ها وزيراعظم کي پاڻمرادو استعيفا ڏيئي وڄڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سکر ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي عملدرامد جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سکر ڊويزن ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو ترقياتي منصوبا بندي بورڊ جي چيئرمين محمد وسيم پاران بريفنگ ڏني ويئي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته سکر ۾ ترقياتي ڪمن جي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪيو آهي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جون 2018 ۾ سکر جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيون سکر ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو اسٽيڊيم ٺهڻ وارو آهي ڪينسر اسپتال ايس آءِ يو ٽي جي سيٽ اپ لاءِ به ڪم جاري آهي هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف عوام سان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي واعدي تي ووٽ ورتو پر اڄ به ملڪ ۾ 7 هزار ميگاواٽ جو شارٽ فال آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ لوڊشينگ جي وقت ۾ واڌ ٿي آهي لاهور ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي بجلي مهانگي ڪئي ويئي آهي. چئن سالن ۾ 1200 ميگاواٽ واڌ بجلي ٺاهي ويئي آهي اسان پنهنجي دور ۾ ساڍا 3 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ داخل ڪئي هئي جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي ٺهيل پلاننگ تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان بجلي ايڪسپورٽ ڪري رهيا هجون ها هن چيو ته حڪمران عوام کي دوکو ڏنو آهي ميان صاحب ڪوڙ ڳالهائي ٿو ننديپور پاور پراجيڪٽ ٺاهيو پر ان مان ڪوبه فائدو نه آهي هن چيو ته حڪومت سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪي آهي جهڙي طرح چوڌري نثار ٽوئٽر جو ذڪر ڪيو اهڙي طرح سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪوئي گهرو وزير چوي ها ته ملڪ جو غدار قرار ٿي چڪو هجي ها هن چيو ته هڪ فلم ٽن ڪلاڪن جي ٺهندي آهي ان کان پوءِ ٻي فلم ٺهندي اهڙي طرح ميان صاحب جو شو به ختم ٿي ويندو. هن چيو ته سوچ جي مجبوري اهي جنهن سبب پيپلزپارٽي جي وزيراعظم جي خلاف فيصلا اچن ٿا هن چيو ته ماڻهو شهبازشريف جي مختلف نالو تجويز ڪيو آهي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي دوستن جي اپيل تي ان جو نئون نالو وٺڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *