ڀارت سان معاملا ڀگاڙڻ لاءِ رڳو ٻه جملا گهرجن، صورتحال وڌيڪ خراب ڪرڻ نٿا چاهيون: شاهه محمود قريشي

نيويارڪ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت سان معاملا ڀگاڙڻ لاءِ رڳو ٻه جملا گهرجن پر هو صورتحال کي وڌيڪ خراب نٿا ڪرڻ چاهين پاڪستان هميشه امن جي حمايت ڪئي آهي امن قائم ڪرڻ لاءِ جديد وسيلا فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ ۽ قانون جي حڪمران جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ملتوي ٿيڻ کان پوءِ جاري لفظن جي جنگ جي حوالي سان چيو ته ڀارت سان معاملا ڀگاڙڻ لاءِ رڳو ٻه جملا گهرجن پر مان صورتحال کي وڌيڪ خراب نٿو ڪرڻ چاهيان نيو يارڪ ۾ ايڪشن پارٽيز ڪيپنگ جي اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل پنجن ڏهاڪن ۾ يو اين مشن لاءِ ٻن لکن کان وڌيڪ اهلڪار موڪليا پاڪستاني مرد ۽ عورتن يو اين امن مشن لاءِ 46 ملڪن ۾ ڪم ڪيو شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته جديد پيس ڪيپنگ کي ڪيترائي چئليج آڏو آهن اسان کي پيس ڪيپنگ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي شاهه محمود قريشي ايٽلانڪ ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بزنس دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي هر سال لکين نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحي آهي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني عوام 25 جولاءِ تي تبديلي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *