اسلام آباد (اين اين آءِ)پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي شهري شدت پسند تنظيم القاعده ۾ ڀرتي ٿي رهيا آهن جنهن تي ڳڻتي آهي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي لڪائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي بنا سبب فائرنگ ڪري رهيو آهي چيني شهرين جي اي ٽي ايم فراڊ جي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم لڪائڻ لاءِ ڄاڻي واري بنا سبب فائرنگ ڪري رهيو آهي هر گذرندڙ ڏينهن سان لائين آف ڪنٽرول تي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي هلندڙ سال هن وقت تائين ڀارت پاران 100 کان وڌيڪ دفعا فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي. ڀارت جا هي ارادا خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهن جنگبندي معاهدي جون خلاف ورزيون پاڪستان لاءِ افسوسناڪ آهن ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستاني جوانن جي شهادت تي ڪجهه ڏينهن اڳ به طلب ڪيو ويو هو جڏهن ته ورڪنگ بائونڊري جي سانحي تي به طلب ڪيو ويو آمريڪي معاون نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي دوري دوران به ڀارتي جارحيت جو معاملو اٿاريو ويو ڊاڪٽر فيصل چيو ته افغانستان جي 43 سيڪڙو حصي تي شدت پسند داعش ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جو قبضو آهي جڏهن ته تحريڪ طالبان ۽ جماعت احرار افغان سرزمين تان پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي افغانستان ۾ پاڪستاني پروفيشنلز جي اغوا ۽ جاسوسي تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪو نهايت افسوسناڪ آهي اسان پاڪستانين جي اغوا ۽ پاڪستان جي خلاف افغان سرزمين جي استعمال جو معاملو افغان حڪومت سان اٿاري رهيا آهيون ترجمان چيو ته هاڻي شدت پسند تنظيم دائش ۾ ڀارتي شهري ڀرتي ٿي رهيا آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي تنظيم جي ڀارت ۾ اڳڀرائي ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته دهشتگردي جون پاڙون ناهن ٿينديون.