اسلام آباد (بيورو رپورٽر) پاڪ فوجي جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته احسان الله احسان آپريشن دوران وجهه وٺي فرار ٿيو، کيس فرار ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪيون پيا. پاڪ فوج جَي ترجمان چيو آهي ته احسان الله احسان وٽان مليل ڄاڻ مان وڏو فائدو پهتو، سندس مبينا آڊيو ٽيپ ۾ لڳايل الزام بي بنياد آهن. ڊي جِي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته دهشتگرد گروپ جِي نشاندهي ٿي آهي، ڀارت دهشتگردن کي پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت جَي رافيل جهازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سعودي عرب سان لاڳاپا بهترين آهن ۽ بهترين رهندا، پاڪ سعودي لاڳاپن تي سوال اٿارڻ جِي ضرورت ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام کي سعودي سان لاڳاپن تي فخر آهي. ڊي جِي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغان شهري اسان جا ڀائر آهن، اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا.ڀارت خطي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي شرح کي تبديل ڪيو پيو وڃي،والاريل ڪشمير ۾ پرڏيهي مبصرن کي وڃڻ جي اجازت ناهي، پاڪستان عالمي مبصرن کي ايل او سي تي وڃڻ جي اجازت ڏني.هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت هر فورم تي ڪشمير جي صورتحال کي اجاڳر ڪيو، ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم تي دنيا ۾ آواز اٿي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت دنيا ۾ هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ سڀني کان اڳتي آهي، ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي.