اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج هلندڙ سال 400 کان وڌيڪ ڀيرا سيز فائر جون ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن جي ڪري ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. پرڏيهي وزارت قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته اسپين ۾ هن وقت 177 پاڪستاني قيد آهن جيڪي منشيات، مالياتي فراڊ، ڌاڙي، چوري ۽ جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ ملوث آهن، پرڏيهي وزارت پاڪستاني قيدين جي ڪونسلر تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، هلندڙ سال ڀارتي فوج سيز فائر جون 400 کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ 18 پاڪستاني شهيد ٿيا، گذريل سال به ڀارتي جارحيت جي ڪري 54 بي گناهه پاڪستاني شهرين شهادت جو جام نوش ڪيو جڏهن ته 174 ڄڻا زخمي به ٿيا، پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون پر اسان جي بندوبست جو ڀارت مثبت جواب ناهي ڏئي رهيو. پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ڀارت ممتاز صوفي بزرگ نظام الدين اوليا رح جي عرس لاءِ پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري 1974 جي پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان ان فيصلي تي ڀارت سان احتجاج ڪيو آهي.