ڀارت جو پرتشدد رستو ڏکڻ ايشيا جي امن ۾ وڏي رنڊڪ آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ڀارت جو تشد جو رستو ڏکڻ اشيا ۾ امن جي قيام ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي رهيو آهي ان ڪري سندس پرتشدد رويي سان خطي ۾ امن جي قيام ۾ مدد نه ملندي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان جاپان جي پرڏيهي وزير تاروڪونو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن سميت دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي جاپاني پرڏيهي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته دهشتگرد ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسندا آهيون، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهميت تي ٻڌل آهي. جاپاني پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ۾ وزير اعظم چيو ته جاپان کي واپاري ۽ سيڙپڪاري وارا لاڳاپا وڌائڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان ۽ جاپان جي حڪومت ۽ عوام سان گهرا ۽ ويجها لاڳاپا آهن. وزير اعظم چيو ته اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ مضبوطي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ وارين ڪوششن سان پنهنجي عزم کي جاري رکندو. ان موقعي تي وزير اعظم خطي ۾ ڀارتي رويي تي روشني وجهندي چيو ته ڀارت جو تشدد جو رستو ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، ڀارت جي پرتشدد رويي سان خطي ۾ امن جي قيام ۾ مدد نه ملندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *