ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا آهي، پاڪستان امن چاهي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، سڄي دنيا ڀارت تي کلي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳاهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اسان گذرندڙ وقت سان جنگ کان پري ٿي رهيا آهيون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو ڪريڊٽ وزيراعظم ۽ فوجي قيادت ڏانهن وڃي ٿو، دنيا ۾ پاڪستان جو قد وڌي رهيو آهي.  هن چيو ته ڀارتي جنگي جنون ۾ مبتلا آهي جڏهن ته پاڪستان امن چاهي ٿو، موجوده صورتحال ۾ سياستدانن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، عوام بحران ۾ جنگي جنون جو شڪار نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ سمورن دوست ملڪن جو ساٿ ڏنو، دوست ملڪ ۽ آمريڪا پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي، پرڏيهي ميڊيا پاڪستان بابت هاڪاري رپورٽنگ ڪئي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا تي ٽوڪ ڪئي وئي، نريندر مودي کان ڀارت ۾ سوال ٿي رهيا آهن، اليڪشن مهم لاءِ ايئن ڇو ٿي رهيو آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان کي پنهنجو واپار وڌائڻو آهي، ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، ايف اي ٽي ايف جي پابندين بابت به ڪم جاري آهي، ملڪ ۾ انتها پسندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، مرحليوار ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *