اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پلواما واقعي بابت ڀارت جي موڪليل ڊوزيئر تي جاچ ڪئي جنهن جي روشني ۾ ڪنهن پاڪستاني جو واقعي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿي سگهيو، ڀارت طرفان خلا ۾ ميزائل تجربا عالمي امن لاءِ خطرو آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته وزيراعظم عمران خان پلواما حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي، جاچ موجب پاڪستان جو پلواما حملي ۾ ڪو به هٿ ناهي، جڏهن ته ڀارت کان وڌيڪ شاهديون ۽ ڄاڻ گهري آهي. هن چيو ته گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن بابت ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو بينا اليڪشن ۾ ووٽ لاءِ آهي. هن چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ملوث جوابدارن جي بريت انصاف سان هٿ چراند آهي، حملي ۾ ملوث سمورا جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان ڪرتارپور راهداري بابت خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان شامي علائقي تي اسرائيلي قبضو قبول ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي، آمريڪي فيصلو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.