ڀارت ثبوت ڏئي، پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جو خواب پورو نه ٿيندو: شاهه محمود

ممبئي ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  پاڪستان کي سفارتي طور اڪيلو ڪرڻ جو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو خواب ڪڏهن پورونه ٿيندو. ميونخ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پلواما واقعو افسوس جوڳو آهي، پاڪستان مذمت ڪري ٿو،  پاڪستان کي سفارتي طور اڪيلو ڪرڻ جو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو. هن چيو ته دنيا حقيقتن کان واقف آهي ته پاڪستان کي پلوامه واقعي سان ڪو به فائدونه ٿيندو، پاڪستان جاني نقصان ۽ تشدد جي ڪڏهن به حق ۾ ناهي.هوڏانهن پاڪستان  پلوامه حملي بابت ڀارتي الزام سختي سان رد ڪندي  بغير ثبوت پاڪستان کي ملوث قرار ڏيڻ کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه  پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *