ڀارت ايل او سي تي لڳل ميزائل آزاد ڪشمير تي استعمال ڪري سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن کي نئين خطري کان آگاهي ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڀارت ايل او سي تي لڳل ميزائل آزاد جمون ۽ ڪشمير تي استعمال ڪري سگهي ٿو.پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني غاصبانه قدمن، ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽  صدر  سيڪيورٽي ڪائونسل کي خط لکيو آهي.پرڏيهي وزير پاران گڏيل قومن ڏانهن 5 مهينن دوران هي ستون خط آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي خط ۾ گڏيل قومن کي والاريل جمون، ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جي خطرناڪ صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پاماليون جاري رکندو اچي ۽ پاڪستان جي خلاف به دشمني تي ٻڌل جارحانه عزم رکي ٿو. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ڪري چڪو آهي ۽ هلندڙ سال ايل او سي جي 3 هزار خلاف ورزين ۾ 300 شهرين کي نشانو بنايو ويو.ڀارت ايل او سي جي 5 سيڪٽرز ۾ مذموم عزائم جي تحت ڪنڊيدار تارن کي جزوي طور تي هٽايو ويو. جڏهن ته براهموس ميزائل رجمنٽس، اينٽي ٽينڪ ميزائل ۽ سپائس ميزائل لڳائي ڇڏيا آهن. ڀارت ايل او سي تي لڳل ميزائل آزاد  جمون ۽ ڪشمير تي استعمال ۽ ڪنهن به وقت جعلي بنيادن تي ڪوبه فوجي آپريشن ڪري سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *