ڀارتي نيٽ ورڪ خطري جي نشاني آهي، بلاول پاران مستقل پرڏيهي وزير جو مطالبو درست آهي: مولا بخش چانڊيو
November 3, 2016 at 8:00 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان ڀارتي ايجنٽن جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ جو سوگهو ٿيڻ قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو آهي، موجوده ملڪي صورتحال ۾ چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران هڪ مستقل پرڏيهي وزير جي هجڻ وارو مطالبو بلڪل درست آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته ڀارتي نيٽ ورڪ جيڪو پوري پاڪستان ۾ پکڙيل آهي ۽ مختلف صوبن ۾ گهڻي ڀاڱي روزانو امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن، اهي عناصر پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام جي زندگين سان پڻ کيڏي رهيا آهن، اِن گهڙيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو مستقل پرڏيهي وزير نامزد هجي ها ته پوءِ پاڪستاني حڪومت جو ردعمل فوري طور تي عوام آڏو هجي ها. مولابخش چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت مراعتن ۽ سهولتن مان مزا ماڻي رهي آهي ۽ سڄي قوم سلامتيءَ بابت خوفزده آهي ۽ ڀارتي ايجنٽ ملڪ ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪو ننڍڙو مسئلو به ڀارت خلاف ٿئي پيو ته ڀارتي حڪومت وڏيون رڙيون شروع ڪري ڏئي ٿي. هن چيو ته ڀارتي ڪارندا پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن پر اسانجي حڪومت اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت ٿي رهي آهي، پر پاڪستان جو ردعمل دُنيا آڏو وائکو ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ڪوبه نمائندو موجود نه آهي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڀارتي عناصر هتي اسانجي زندگين ۽ ملڪيتن سان کيڏي رهيا آهن پر وفاقي حڪومت پاڻ کي گونگو ۽ ٻوڙو ڪري رکيو آهي. هن چيو ته اڌ درزن کان وڌيڪ وفاقي وزير روزانو جي بنيادن تي ٻين سياسي جماعتن خلاف پريس ڪانفرنسون منعقد ڪري رهيا آهن پر کين ڀارتي جاسوسي ۽ ٻين نيٽ ورڪس جي گرفتاريءَ جي حوالي سان هن ٻرندڙ معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ وقت نه آهي. مولابخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ کي مستقل پرڏيهي وزير جي سخت ضرورت آهي.