راولپنڊي(م ڊ) ڀارتي فوج طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي جنهن جو پاڪ فوج جي جوانن منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پاڪ فوج جي اداري (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج ڀمڀر سيڪٽر لڳ خنجر سيڪٽر ۾ آر پي جي 7 ۽ آٽوميٽڪ گرنيڊ لانچر سان بنا سبب فائرنگ ڪئي، تنهن هوندي هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا جڏهن ته ڀارتي فوج منجهند کان فائرنگ جو سلسلو شروع ڪيو هو.