ڀارتي فوج جي ظالماڻي ڪاررواين والاريل ڪشمير کي اونداهين طرف ڌڪي ڇڏيو آهي؛ مليحه لودهي

نيويارڪ: (م ڊ)  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لودهي چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ظالمانه ڪاررواين والاريل ڪشمير کي اونداهين طرف ڌڪي ڇڏيو آهي.هن اها ڳالهه جنرل اسيمبلي جي صدر ماريه اسپنوزا سان ملاقات دوران ٻڌائي ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي جي صدر چيو ته ڪشمير جي صورتحال کي ڳڻتي سان ڏسي رهيا آهيون.ان دوران مليحه لودهي چيو ته ڀارت ٽن هفتن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين جون سموريون آزاديون ختم ڪري ڇڏيون آهن. گڏيل قومن تي ڪشمير جي معاملي ۾ وڏيون ۽ تاريخي ذميواريون جيڪي کيس نڀائڻ گهرجن. هن چيو ته عالمي برادري کي ڪشميري عوام کي ان جو جائز حق خوداراديت ڏيارڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ياد رهي ته گذريل هفتي هڪ ٽي وي پروگرام ۾  ڳالهائيندي مليحه لودهي چيو هو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان عالمي ماحول بدلجي ويو آهي جنهن جي ڪري مغرب ۾ ماڻهن جي راءِ به تبديل ٿي رهي آهي.هن چيو ته ڀارت جي سمورين ڪوششن جي باوجود سلامتي ڪائونسل جي پندرنهن ميمبرن اجلاس تي اتفاق ڪيو، هاڻ پاڪستان جي لاءِ اهو چيلنج آهي ته اهو ان معاملي کي اڳيان وڌائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *