ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، 3 ڄڻا شهيد، 9 زخمي، پاڪستان جي ڀرپور ڪارروائي

مظفرآباد (م ڊ) ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي جو ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فورسز لائن آف ڪنٽرول تي مطفرآباد جي ڪوٽلي نڪيال سيڪٽر ۾ ڳوٺ بائي دڙه ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اچي پوليس ڪانسٽيبل امتياز ۽ بزرگ شهري محمد سفير سميت 3 شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين جي سڃاڻپ سيد محمد، ملڪ بشير ۽  4 سالن جي ٻار مهروز طور ٿي،. ڀارتي فورسز پاران پونڇ، بٽل، مدارپور ۽ دره شير خان ۾ به ڳرن هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 25 گهر ۽ 3 گاڏيون تباهه ٿي ويون، پاڪ فوج پاران ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *