ڀارتي فلمن ۾ آڊيشن جون ڳالهيون بي بنياد آهن: ماهرا خان

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ماهرا خان جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ فلم ۾ ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ آڊيشن ڏيڻ جو ڳالهيون بي بنياد آهن. پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان تازوئي ڀارتي سپراسٽار شاهه رخ خان سان گڏ پنهنجي پهرين بالي ووڊ فلم ”رئيس“ ۾ شاندار ڊيبيو ڪيو آهي، جڏهن ته فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ  ئي فلن جي گانن سرحد جي ٻنهي پاسن ۾ ڌوم مچائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي فلم ۾ ماهرا خان جي اداڪاري کي به مداحن پاران ڏاڍو ساراهيو ويو آهي، جڏهن ته فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري ماهرا خان فلم جي پروموشن جي لاءِ ڀارت نه وڃي سگهي، اها به دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ماهرا خان ”رئيس“ ۾ ڪم ملڻ کان اڳ ممبئي ۾ ترسيل هئي ۽ ڀارتي فلمن ۾ ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهدي ڪري رهي هئي، جنهن لاءِ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ آڊيشن به ڏنا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *