ڀارتي ظلمن جو مقابلو ڪندڙ ڪشمير جي عوام کي سلام پيش ڪريون ٿا:آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو)  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارتي ظلمن جو مقابلو ڪندڙ ڪشمير جي عوام کي سلام پيش ڪريون ٿا پائيدار امن هن وقت تائين صرف هڪ خواهش کان  وڌيڪ ڪجهه ناهي.آرمي چيف چيو قمر جاويد  باجوه چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر اسان امن جي خواهش ۽ ڀارت جي هٿان  ڪشميرين جي نقصان کي نظر ۾ رکندي صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ ڄاڻي واڻي آزاد ڪشمير جي شهري آبادي کي نشانو بنايو پيو وڃي.ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي جبر ۽ جارحيت مڙهي آهي ۽ اسان جي جوانن ۽ شهرين جي لازوال قربانين آزادي جي جدوجهد کي زنده رکيو آهي. ڪشميرين جي حقن کي غصب ڪري طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ وادي کي جيل ۾ تبديل ڪري لکين ڪشميرين کي قيد ڪيو ويو آهي. ڪشميري گڏيل قومن کان پنهنجو حق گهري رهيا آهن. مرد، عورتون، پوڙها، ٻار ۽ بيمار پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته ڀارتي جبر جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪندڙ ڪشميري ڀيڻ ڀائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ هن جدوجهد ۾ ڪشميري اڪيلا ناهن پر اسان به انهن سان گڏ بيٺل آهيون. آرمي  چيف چيو ته اسان دنيا جي ضمير کي جهنجهوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين. ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت جاري رهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *