نئين دهلي( م ڊ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هڪ اهم ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي مسلمانن ۾ ٽن طلاقن يعني هڪ ئي وقت ٽن طلاقن کي غير قانوني ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ججن ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن جي اڪثريتي راءِ جي بنياد تي فيصلو جاري ڪيو آهي.ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ئي وقت ٽن طلاقن جو فيصلو مسلم عورتن جي بنيادي حقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي، ڇو ته ان سان شادي مڪمل ختم ٿي ويندي آهي ۽ رجوع جي ڪابه گنجائش باقي نه هوندي آهي.