ڀارتي جاسوس پاڪستان ۾ دهشتگردي جو چهرو آهي، انساني همدردي طور ملاقات ڪرائي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته اسلام اسان کي رحمدلي جو درس ڏئي ٿو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي انساني همدردي جي بنياد تي ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي درخواست تي زال سان گڏ سندس ماءُ کي به ملاقات جي اجازت ڏني ۽ بعد ۾ درخواست تي ملاقات جو وقت به وڌايو ويو جڏهن ته قونصل تائين پهچ ناهي ڏني وئي ڇو ته قونصل کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه آيو ۽ نه ئي هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هو رڳو تبصرو ڪندڙ جي حيثيت سان موجود رهيو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڪيترن ئي اهلڪارن تي ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ حملن جو اعتراف ڪيو، ان کان سواءِ ڪلڀوشن مهراڻ بيس تي حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي مدد جو اعتراف ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو 17 ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت آيو ويو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگردي جو چهرو آهي، ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جو اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته دهشتگرد ڪلڀوشن کي ڪيس ۾ صفائي جو موقعو ڏنو ويو، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو مڪمل صحتمند آهي. هن ٻڌيو ته ملاقات جو وقت 30 منٽ هو پر ڪلڀوشن جي ماءُ جي درخواست تي وقت وڌائي 40 منٽ ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *