واشنگٽن (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جارحيت جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا پر پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا پاڪستان جي ترجيح آهي. واشنگٽن ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو فائدو سدائين آمريڪا کنيو، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو طرفان پاڪستان جي دوري دوران سندس اڳيان حقيقتن تي ٻڌل موقف رکيو، آمريڪا خطي ۾ ڀارت کي اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻائڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته پاڪستان هڪ ئي وقت چين ۽ آمريڪا سان رابطو رکندو. ڀارت سان ڳالهيون رد ٿيڻ بابت شاهه محمود قريشي چيو ته لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ملاقات ڪرڻ پئي چاهي، ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ کانپوءِ ملاقات رد ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڀارتي رويو افسوسناڪ ۽ سفارتي ادب جي ابتڙ آهي، انهن پنهنجي اندرين معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صورتحال پيدا ڪئي، سوچڻو پوندو ته ملاقات جو موقعو وڃائڻ جو ذميوار ڪير آهي، ڏسڻو پوندو ته ڪير امن جي ڳالهه پيو ڪري ۽ ڪير ڀَڄي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ وڏو طبقو ڪشمير بابت پاليسي تي تنقيد ڪري رهيو آهي، ڀارتي دانشورن موجب حڪومتي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت جا ثبوت آهن، جارحيت جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا پر پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو دورو فائديمند رهيو پر انهن کان پئسا وٺڻ نه وياسين، سعودي ولي عهد سان نيو يارڪ ۾ جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿيندي.2