ڀارتي اڳرائي سبب ايل او سي جي آبادي کي منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار

مظفر آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير حڪومت ڀارتي فوج جي تازي اڳرائين کان شهرين جي جاني نقصان کي نظر ۾ رکندي ڪنٽرول لائن سان آباد شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ منصوبو تيار ڪيو آهي. ذريعن موجب شهرين کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڀارتي فوج طرفان فائرنگ جو سلسلو بند نه ٿيڻ سبب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر ضلعي انتظاميه ۽ ايل ا سي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هزارين شهرين کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري انتظام ڪن ته جيئن زندگين کي سڌو خطرو نه هجي. ذريعن موجب ڪنٽرول لائن تي شديد ڇڪتاڻ برقرار رهڻ جي صورت ۾ نيڪالي منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. شروعاتي طور تي ڀارتي فائرنگ سبب سڌو متاثر ٿيل آبادين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن جنگبندي جي ڀڃڪڙي بند نه ٿي ته منتقلي جي سرگرمين جو دائرو سيڪٽر جي سطح تائين وڌايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *